حاجي خداداد سرهيو

حاجي خداداد سرهيو: حاجي خداداد خان سرهيي، 1872ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. خداداد خان ابتدائي تعليم ’ميان جي ڳوٺ‘ مان مشهور بزرگ ميان سدن سوائيءَ کان حاصل ڪئي. خدمت خلق ۾ پيش پيش هئڻ سبب پنهنجي حلقي ۾ هر دل عزيز هو. خداداد خان هڪ ئي وقت ڪيترن عهدن تي رهيو. 1916ع ۾ لاڙڪاڻي جو ميونسپل ڪائونسلر چونڊيو ويو، 1919ع بمبئيءَ جي گورنر جو درٻاري مقرر ٿيو. 1921ع کان لاڙڪاڻي اربن بئنڪ جو ڊائريڪٽر رهيو. حاجي خداداد هر ڏکئي وقت ۾ مسلمانن جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن 1950ع ڌاري وفات ڪئي، سندس مزار لاڙڪاڻي لڳ دودائي ڳوٺ جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو